ڏُکَندا بابت
معنيٰ
دُکُدائِڪُ، ڏک جھڙا، سورائتا، درد مند. مشڪل، ڏُکيا. درد ڀريا، گهايَل، ڦِٽيَل. ڏُکندڙ، سور ڪندڙ. درد، غم، الم، رنج، سور، ڏک، ايذاءَ. بيماريون، مرض، ڏکندڙ عارضا، اِيذائيندَڙَ مَرضَ.
Panic, pain, ailed, illnesses, miseries, agonies, injured
بيتن ۽ وائين ۾
- اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي، ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ، ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]