ڦِٽو بابت
معنيٰ
جدا، الڳ، ضايع، اڇلي، نابود، وڃائي.
To drop, let go, abandon, throw down, or away, forsake.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھوتُ نَہ چُنِيءَ پوتُ، ڦاڙي جو ڦِٽو ڪَرِيان، ھاڙِھي جو بَلوچُ، ڏاڍي ڪَنھِن ڏُکِ مِڙِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ھائِي وِجهان ھارَ کي، مَنجهان کارَ کَڻِي، ڦِٽائي ڦِٽو ڪَرِيان، ھَٿَنِ سين ھَڻِي، تو سين ڄامَ تَڻِي، اگَلِيُون سَڀَ اوڇون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو، کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ، ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ، پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ، وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]