ڪَثرَتَ بابت
معنيٰ
گهڻائي، جهجهائي، انيڪتا، فراواني، واڌارو، اضافو، ڳاهٽ، ماڻهن جو انبوھ. سُڪر، سَبزسالي. تصوف جي اصطلاح ۾ ”وَحدَتَ“ جا مختلف جلوا، صفات.
Plural, many, few, genitive, diversity
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ، حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ، ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ، پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ، وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]