ڪُورُ بابت
معنيٰ
انڌو، نابين، جيڪو ڏسي وائسي نہ سگهي.
Blind, visionless.
بيتن ۽ وائين ۾
- اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ، ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ، مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ، پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ، اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- سامِيَنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سِڱُ مِڙيوئِي سُورُ، ڪَھَندا وِئا ڪابُولَ ڏي، ڪو جو پَيَڙُنِ پُورُ، مَڙِهيءَ جو مَذڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ، اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ، سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون، مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]