ڪِيو بابت
معنيٰ
ڪري ڇڏيو (ڪرڻ مصدر مان زمان ماضي.)
Done, did
بيتن ۽ وائين ۾
- سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين، ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ، توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو، ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو، ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ، وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ، ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، پاسي تَنِ وَسَنِ، جٖي سَڀَ ڄَماندَرِ سِڪِيُون.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئُون ويندَڙِي دَرِ، دوسِتَنِ جي، يااللهَ، جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي، نُورا پايو نِينھَن جا،…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ، مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ، وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين، اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ، پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪِيو، وَنِنِ ۾ ٿِي ويھُ، پِرِين اَکِيُنِ ۾ پيھُ، تَہ آئُون آڇاڙو ٿِيان.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- راڻا تُنھِنجِي ريھَ، مُون کي اَکَڙِيُنِ ۾، آئُون تَنھِن گهورِي ڏيھَ، جِتي تُنھِنجو تَڪِيو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، تانۡ تانۡ ھوئِجِ حُجري، جانۡ جانۡ جارُ جِيي، جَڏھِن پاسي پاڻُ ٿِيي، تَڏِھِين…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري، پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ…[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ، ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ھِنيُون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ، ھوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَہ پُسَڻَ کان پالهو رھين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مَٿي جَنھِن مَدارُ، کانڌِ تَنھِنجو تَڪِيو، پاڻَ اُوچو عادَتَ نِيچِي، سِينھان اِيءَ پَرِوارُ، ڪَرِ ڪيسَرِ جو جُھارُ، ڏِٺي جَنھِن ڏارَتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا، ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ، ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ، وَرُ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ڄامان اَڳي جٖي ڄايُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ تي ناھِ، نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ، سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھُئِي ميئِنِ جِھَڙِي مي، خِدمَتَ کَڻِي کَرِي ڪِي، جَنِ وِھَڻُ نَہ ڏِنُسِ وَٽِ ۾، ٿِيُون سَلامِي سي، ڄامَ تَماچِيءَ کي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]