گَيو بابت
معنيٰ
ويو، اسھي ويو.
Went, gone.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ جوشُ، پَچِي تَنھِن پَنٿَ کي، ھَڏِ نَہ رَھِئو ھوشُ، آسَڻَ ۾ افسوسُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]