ھاڻا بابت
معنيٰ
وارا، جا، سان ڀريل، لڳل.
Joined with. Defiled by, soiled, smelling of, and touched with. Used as an affix thus.
بيتن ۽ وائين ۾
- کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو کانڌِ جو، کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ، تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ، جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ، جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان، مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا، پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا، ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ، پاندُ جَنِي جي پاندَ سين، لَڳو ڪَري لَڄَ، سَمُو جامَ سَهڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين، نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ، ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]