ھيٺان بابت
معنيٰ
ھيٺ کان، تري کان، تران. اندران، ڍلاڻ کان
Beneath, under, below
بيتن ۽ وائين ۾
- بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ، رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو، نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ، عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ، نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ، ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ، اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ، جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]