ھَميشه بابت
معنيٰ
سدائين، دائما، مدام، لڳاتار، ھر روز، روز بروز، سدا، نِت، روز، روزانو، ھر وقت
Always, ever, continually.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين، ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ، ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان، ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان، اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ”آئُون“، ”اَسِين“ جَنِ، ھَميشه ھُوندو، تَنِي کي ڀُونڊو، لَڳو آھِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين، ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا…[ سُر آسا - وايون ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، شالَ ھَميشه ھُئان، پيرين تَنھِن پُئان، نَيَ وِھاڻِيءَ نُورَ سين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]