سَڱَ جي سنڌي معنيٰ
ناتي، مٽي مائٽي، تعلق، مٽاچاري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
connection by marriage, relationship, espousal.
سَڱَ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]

ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]

ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي،
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]

نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سَڱِيڻِي،
آھِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻاروچِيءَ نَہ جُڙانِ.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 15 ]

ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي سَڱَ جو،
جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 20 ]

مُنڌَ مائِٽياڻِي اُنِ جي، ھِتي تان نَہ ھُئِي،
اُنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندُنِ ٿي سُئِي،
بيگاڻا بَلوچَ ھُئا، ڇَڏِيائُون کيرنِ پاسِ کُهِي،
جي وِيَسِ ماءَ مُهِي، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 37 ]