لاڳَ جي سنڌي معنيٰ
لڳ لاڳاپا، آسرا اميدُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hopes, relations, expectations.
لاڳَ جا بيتن ۾ حوالا
جِتِ کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻا،
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا،
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ،
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا،
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
English Meaning
Hopes, relations, expectations.