لَاڳُ جي سنڌي معنيٰ
لاڙو رغبت لاھُ. چاھُ، خواهش، اِڇا، مَنشا، رضا، مرضي. اُلفت، پيار، محبت، پريت، اڪنجهر، موھُ، ڀاؤ، ارواح، حُبَ، پريم، دِل، قرب، چاھُ، شوق، دوستي، ياراني، اخلاص، آما. حق، واسطو، مائٽي، لاڳاپو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Relation, love, affinity, affection. Friendship. Right.
لَاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ،
رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ،
جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ نَہ لَھَندِيُون ماڳُ،
جِيءَ جَڙَ ھُيَمِ جَنِ سين، سي لاھي چَڙھِئا لَاڳُ،
ڀينرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَنھِن سين ڪَندِيَسِ چاڳُ،
اَندَرِ ٿِئو اَجهاڳُ سَڌَرُ سُورُ پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 28 ]

مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ،
پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.
[ سُر پورب، وايون، 11 ]