لاڳِ جي سنڌي معنيٰ
لاڙو رغبت، چاھ، خواهش، اِڇا، مَنشا، رضا، مرضي. اُلفت، پيار، محبت، پريت، موھ، ڀاؤ، ارواح، حُبَ، پريم، دِل، قرب، شوق، دوستي، ياراني، اخلاص، آما، ٽَھڪ آشنائي. مزو، لطف. حق، واسطو، مائٽي، لاڳاپو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love, affection, affnity, taste, desire, liking.
لاڳِ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ،
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
آيَلِ ٻاروچَنِ تي، جيڪَرَ ڪَرِيان ڳالِهہ،
چُوندا لاٿِيَئِي لاڳِ، مُنڌَ ڪِي ڪيچَ ڌَڻِيَنِ سين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 13 ]
چُوندا لاٿِيَئِي لاڳِ، مُنڌَ ڪِي ڪيچَ ڌَڻِيَنِ سين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 13 ]
ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ،
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ،
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
English Meaning
Love, affection, affnity, taste, desire, liking.