نَڪُ جي سنڌي معنيٰ
بدن ۾ ساھ کڻڻ جو هڪ عضوو، بدن جي پنجن حواسن مان هڪ حواسُ، ناسِڪو، بِينِي، اَنفُ، ناس. شرم، پِتو، حَيا، لَڄ ، مَرَمُ، مَرجاتا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The nose. Shame.
نَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين،
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، لَڄايُنِ مَرَڪُ،
نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 8 ]
نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 8 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ،
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]
ھِنَ سُڻاڻِيءَ کان سُومَرا، ناحَقُ ٿِي جِيئان،
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون،
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
پاسا پولَڙِيُنِ ۾، ٻانھُون سِرِ ٻيئِي،
اَکِيُون نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 17 ]
اَکِيُون نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 17 ]
English Meaning
The nose. Shame.
نَڪُ ٻول جا زمرا