نِھارَ جي سنڌي معنيٰ
نھارڻ واري حالت، نگاھ، نظر، نظرداري، جاچ، تلاش، ڳولا، چوڪسي، نگھباني، سجاڳي، تَڪُ. گهُر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Looking at, looking for viewing, staring, watching.
نِھارَ جا بيتن ۾ حوالا
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]

وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ،
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]

ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ،
ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ،
لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،
سي شِينھَن پَسِئو شُڪرانا ڪَري، ڀانئي ڪَرَھَنِ جا ڪَپارَ،
ھُو گُهمَنِ ۾ گِنوارَ، ھِيءَ ڀانئي اُٺَ بَلوچَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 20 ]

جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]