نِھارِئا جي سنڌي معنيٰ
نھاريا، نھاريو، ڏٺا، ڏٺو، ديد ڪيو، چڪاس ڪيو، تپاسيو، اکين ۾ رکيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seen, watched, looked, observed.
نِھارِئا جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن،
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان،
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
ھِي سَڄَڻَ اُھي ئِي، جٖي مُون ڪوڏِ نِھارِئا،
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان مُون گهَڻو نِھارِئا،
سُڌِ نَہ مُڪِي سَڄَڻين، جيھِي نَہ تيھِي،
ھُئا پَرَڏيھِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر پورب، جوڳي، 2 ]
سُڌِ نَہ مُڪِي سَڄَڻين، جيھِي نَہ تيھِي،
ھُئا پَرَڏيھِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر پورب، جوڳي، 2 ]
ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون گهَڻو نِھارِئا،
مَڙِهيُون مُون مارِيندِيُون، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
وِنجُهلان تَهِين واٽَ، راوَلَ جَنھِين راھَ ڳِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 19 ]
مَڙِهيُون مُون مارِيندِيُون، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
وِنجُهلان تَهِين واٽَ، راوَلَ جَنھِين راھَ ڳِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 19 ]
جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا نَہ ويراڳِي،
جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 6 ]
جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 6 ]
مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو،
تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 2 ]
تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 2 ]
پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا،
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا،
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
چَڙِھِي چَڪا سَرَ پارَ، جان مُون نيڻِين گهَڻو نِھارِئا،
ھَنجَنِ ٻَڌِي ھارَ، مُنھِنجَنِ سيڻَنِ سَرلَو لَنگهِئو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 27 ]
ھَنجَنِ ٻَڌِي ھارَ، مُنھِنجَنِ سيڻَنِ سَرلَو لَنگهِئو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 27 ]
English Meaning
Seen, watched, looked, observed.