نِھارِئو جي سنڌي معنيٰ
ڏِسو، دِيد وجهو، نگاھ ڪريو، نظر ڪريو، نظرداري ڪريو، جاچ ڪريو، تلاش ڪريو، ڳولا ڪريو، چوڪسي ڪريو، نگهباني ڪريو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Looking at, looking for viewing, staring, watching.
نِھارِئو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]

ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ نَہ نِھارِئو جوڳِيين،
ھُئا ڪُويساھا ڪاپَڙِي، ٿي پُرئا پَراھين پَنڌِ،
ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ، ھُو ھُونئَن ئِي ٿي ھِنگِلاجِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 17 ]

ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ پِہ نِھارِئو جوڳِيِين،
ھُئا سُويساھا ڪاپَڙِي، ٿِي پُرئا پَراھين پَنڌِ،
ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ، ھُنَ ھِنگِلاچان ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 18 ]

آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]

ھَنجَنِ سَندِيءَ ھيرَ، مُون ڪِينجُهرُ سَڀَ نِھارِئو،
سَرَ ۾ پَکِي ڍيرَ، پِريان پارين ناھِ ڪو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 3 ]

مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن جِي،
ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِھارِئو ٻاڻَ،
جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا ڪرھا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 15 ]