اورَڻَ جي سنڌي معنيٰ
وري وري چوڻ يا ڪرڻ، اڀياس، مشق، ڏک سُک جو احوال ڏيڻ، سوُرَ بيان ڪرڻ. دل جو حال ڏيڻ ڳجهي ڳالهہ ڪرڻ. حال بيان ڪرڻ. حال ونڊڻ. (اوريو، اوريندو، اوريَل)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To talk over one’s misfortunes.
اورَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آيُون،
اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجِ دِلِاسو تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 10 ]
اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجِ دِلِاسو تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 10 ]
کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ ھَمارِي ڳالِهڙِي،
مَڇُڻ رَتِي راتِ، ڪا اورَڻَ ۾ اوڻِي ٿِئي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 1 ]
مَڇُڻ رَتِي راتِ، ڪا اورَڻَ ۾ اوڻِي ٿِئي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 1 ]
English Meaning
To talk over one’s misfortunes.