اوطاقَ جي سنڌي معنيٰ
گهَرجي جاءِ کان سواءِ ٻاهر ڪچھريءَ جي جاءِ. مھمان خانو. منزل، مڪان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The men’s apartments in a house or a separate habitation for men alone. Drawing room, a cottage of fakirs.
اوطاقَ جا بيتن ۾ حوالا
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]

ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ،
تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 12 ]

ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]

اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]

اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين،
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي اوطاقَ،
مَڻي دارَ بَقاءَ ڏي، تاڙِيُون ڏِنائُون طاقَ،
خَوابَنِ مَٿي خَوابَ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 17 ]

اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]

چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا،
واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ،
مارُوءَ جي اوطاقَ، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 14 ]

اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا،
سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ،
مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 15 ]