اوطاقُون جي سنڌي معنيٰ
گهَرجي جاءِ کان سواءِ ٻاهر ڪچھريءَ جي جايون. مھمان خانا. منزلون، مڪانَ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The men’s apartments in a house or a separate habitation for men alone. Drawing rooms, cottages of fakirs.
اوطاقُون جا بيتن ۾ حوالا
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ سَنَها ئِي پيٽَ،
تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 11 ]
تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 11 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو،
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو،
وَعدي جو نَہ وَرِئو، اوڏو وَڃُ مَ اُنَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 13 ]
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو،
وَعدي جو نَہ وَرِئو، اوڏو وَڃُ مَ اُنَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 13 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، مَڻِيو تَنِ مَٿَنِ،
ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ،
اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن جوکو ٿِئي جانِ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 15 ]
ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ،
اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن جوکو ٿِئي جانِ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 15 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اريجَ ۾، تَنِ سَپَنِ ٻِي صُورَتَ،
آيا جي نَہ آڻَ ۾، مِنَٿَ ٿِينِ نَہ مِٽَ،
ڪاري جِيءَ قُوَتَ، جوکو ٿِئي جانِ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 16 ]
آيا جي نَہ آڻَ ۾، مِنَٿَ ٿِينِ نَہ مِٽَ،
ڪاري جِيءَ قُوَتَ، جوکو ٿِئي جانِ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 16 ]
جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين،
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 2 ]