Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي وديسي وَرُ جو بيت
جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين،
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
رسالن ۾ موجودگي: 70 سيڪڙو
سمجهاڻي
جڏهن کان وٺي سڄڻن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي آهي تہ اُهي هڪ گهڙيءَ لاءِ بہ نہ وسريا آهن (اُهي هر دم ياد آهن) اُهي سڄڻ منھنجي روح ۾ گهر ڪري ويھي رهيا آهن. (اُهي مون وٽان وڃڻ وارا نہ آهن).
[روميءَ ان خيال جو اظھار هن ريت ڪري ٿو:
يا رب آنها را که شناسم دلم،
بنده بستہ ميان و مجملم.
(دفتر سوم ب 1948)
معنيٰ: اي مولا سائين، جن سان منھنجي دل جي شناسائي آهي، مان انهن لاءِ هر وقت ڪمربستہ غلام آهيان.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 586
جَڎَا ڪَرَ ٿِيَامِ سَاڃَىءِ سُپٖيْرِيَنِس﮼﮶
تَڎَا ڪُنْ تِلَ جٖيْتَرُوْ وٖيْـلَ نَوِسَرِئَامِ﮶
اَندَرِ رُوْحَ رَهِئَامِ سَڃَنَ اُوْطَاقٌ ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जड॒हांकर थिआमि। साञहि सुपेरियनि सें।
तड॒हांकूं तिर जेतिरो। वेल न विसरिआमि।
अंदरि रूह रहिआमि। सज॒ण औताक़ूं करे।
ROMAN SINDHI
Jaddahaankar'a tha'aam'ay, saanjah'ay superiyan'ay see'n,
Taddahaankoo'n tir'a jetiro, wel'a na wisri'aam'ay,
Andar'ay rooh'a rahi'aam'ay, sajjann'ay aotaakoo'n karay.
TRANSLATIONS
Ever since I have been acquainted with the Darling, I have not forgotten Him even for a minute. In fact He has firmly established Himself in my heart.
جس سے اس پریتم کی، ہوگئی میں شیدائی،
اس دم سے ساجن کو، ایک پل بھول نہ پائی،
جس کی ہوں سودائی، رچا ہے میری روح میں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،…
- (بيت) اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ…
- (بيت) اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي…
- (بيت) اُڀِرَئو آفِتابُ، بِرَھمَڻِ کي بَرَ…
- (بيت) بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو،…
- (بيت) جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي…
- (بيت) ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ…
- (بيت) ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا…
- (بيت) ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾…
- (بيت) مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ…
- (بيت) وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين…
- (بيت) وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ…
- (بيت) وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ…
- (بيت) ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون…
- (بيت) ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي…
- (بيت) ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ…
- (بيت) ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ…
