اَسِين جي سنڌي معنيٰ
اسان. سنڌي زبان جو قديم لفظ، جو سنڌو ايراضيءَ وارين ٻين ٻولين ۾ بہ ساڳيو آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
We
اَسِين جا بيتن ۾ حوالا
اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي.
تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 5 ]
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي.
تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 5 ]
ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ،
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 5 ]
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا،
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 11 ]
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 11 ]
مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ،
رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ،
تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 14 ]
رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ،
تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 14 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي رَئِي،
اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي،
اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 34 ]
اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي،
اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 34 ]
آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ،
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون،
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]
English Meaning
We