اَمُلُ جي سنڌي معنيٰ
جنھن جي قيمت نہ ڏيئي سگهجي. بي بھا، قيمتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Invaluable, inestimable.
اَمُلُ جا بيتن ۾ حوالا
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن،
وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 23 ]
وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 23 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ،
ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 24 ]
ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 24 ]
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ،
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ،
آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 10 ]
آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 10 ]
English Meaning
Invaluable, inestimable.