اَڙانگا جي سنڌي معنيٰ
ڏکيا، اهنجا، ڀارِي، تڪليفون ڏيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hard, uneasy, difficult.
اَڙانگا جا بيتن ۾ حوالا
سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙانگا آرَ تَران.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 18 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ڪوھِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٻَ جا،
سي ڏيھَ ڏيکاري، جٖي اَڳَ نَہ ڏِٺا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 27 ]