اُلُوھيَتَ جي سنڌي معنيٰ
ڌڻيءَ جي ذات. وحدت. ڌڻيءَ جي حقيقت، هيڪڙائي حق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Divine, deity, Godhead, the divine essence.
اُلُوھيَتَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي،
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]

پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا ئِي وِھسَنِ
جوڳِي جاٽُون ڪَنِ، جُھ آيا اُلُوھيَتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 7 ]

آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ،
مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 8 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

اُلُوھيَتَ ٻول جا زمرا