اِمامَ جي سنڌي معنيٰ
اڳواڻ، پيشوا، سونھون، رهبر، هادي. مقتدا، سردار، مھندار. مذهبي رهنما. هر هڪ فن يا علم جو وڏو ماهر. جماعت کي نماز پڙهائيندڙ، جماعت جو اڳواڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A leader in religious affairs. The Imam Hussain and Hassan.
اِمامَ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ،
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
English Meaning
A leader in religious affairs. The Imam Hussain and Hassan.