تِتي جي سنڌي معنيٰ
تنھن جاءِ تي. ساڳيءَ جاءِ تي. اُتي، اُنهيءَ ھنڌ، تِت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At same place, that place, where there
تِتي جا بيتن ۾ حوالا
ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي،
ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي، ھِنَ ڀوريءَ ڀانيا ھِتي،
جَنھِن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوھِيارو ڪِٿي،
مَري رَھَندِيَسِ ماڳھِين، نَہ تَہ ھادِي اچِجِ ھِتي،
آمان لِيمان ڦُلَ ڦارُوھا، ڳاڱا راڱا جِتي،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڪا پييَن مَٿي پِتي.
[ سُر حسيني، وايون، 8 ]

ڏيھُ ڏِھائِين ناھِ، جِتي پيرُ نَہ پَکَڻين،
تِتي کاھوڙِيَنِ، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 17 ]

جِتِ نَہ پَکِيان پيرُ، تِتي ٽَمَڪي باھَڙِي،
ٻِئو ٻارِيندو ڪيرُ کاھوڙَڪِيءَ کيرَ ري.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 18 ]
ٻِئو ٻارِيندو ڪيرُ کاھوڙَڪِيءَ کيرَ ري.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 18 ]
English Meaning
At same place, that place, where there