تِيرَ جي سنڌي معنيٰ
ٻاڻَ، لوها گزَ، ڪانَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Arrow, a bullet, Bank, shore.
تِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو،
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ،
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ،
وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 6 ]

مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي آڪِري،
تَنھِن سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا، پَرِھِيا پَنِتَ پِيرَ،
ھَڻي تَنِ تِيرَ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 21 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ،
ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي پُورو ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 5 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]
English Meaning
Arrow, a bullet, Bank, shore.
تِيرَ ٻول جا زمرا