تِکا جي سنڌي معنيٰ
تيز، ڇوھا، سراڻ چڙهيل، تڪڙا، ھوشيار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Speedy, fleet, active, quick, vivid, rapid, strong a stream, sharp, keep, pure as gold, fiery as pepper, a fire etc
تِکا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ،
وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 6 ]

ھوتَ نَہ پَھچان ھوڏَ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، تِکا وَڃَنِ توڏَ،
اوڏِي ڪَري اوڏَ، پَھچائِجِ پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 32 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ،
ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي پُورو ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 5 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]