تِکو جي سنڌي معنيٰ
تيز رفتار. سراڻ چڙهيل اوزار، جلد، شتاب، تڪڙو. هوشيار، چالاڪ. بلڪل پورو ذرو بہ گهٽ نہ. ڪڙو، تلخ. چيڙاڪ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Speedy, fleet, active, quick, vivid, rapid, strong a stream, sharp, keep, pure as gold, fiery as pepper, a fire etc.
تِکو جا بيتن ۾ حوالا
سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]

جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين،
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]

سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ،
آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 11 ]

سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ،
ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 12 ]

اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،
تيغِنِ تاءُ تِکو ٿِئو، سَگهي ڪو نَہ سَھِي،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی ، چَڙِهئو ڄامُ چَئِي،
سَمي سانگِ کَنئِي، سَرَڻِنِ جو سُکُ ٿِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 11 ]