تِڪَ جي سنڌي معنيٰ
ڳِيتَ. يڪدم ڳِيھڻ جي حالت. يڪساهي پيڻ جو نمونو. وڏو ڍُڪ، ٻُٽُ. ٽُڪر، ڳَڀو، ڳَترو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A gulp in swallowing.
تِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]

جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ،
تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 55 ]
تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 55 ]
جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 3 ]

سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني اُڃَ نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 4 ]

پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ،
تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ،
سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 13 ]

جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ،
اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ،
پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان ڏيئِي تِڪَ،
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻُ ڀَريائِي گهورِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 22 ]