جهائِين جي سنڌي معنيٰ
گهنگهرو، ڇيريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tinkling anklets.
جهائِين جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]