جوپَ جي سنڌي معنيٰ
تندرست، چڱا ڀلا، سگها. مَتارا. خوش، جوان. مضبوط، سگهارا. پھلوان. جوڌا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In good case or condition, well, wealthy.
جوپَ جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
English Meaning
In good case or condition, well, wealthy.