جَتُ جي سنڌي معنيٰ
اُٺ هڪليندڙ، اُٺ ڌاريندڙ يا چاريندڙ، اوٺِي، اوٺار، شُتربان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A class of Asian people who are rear camels and drive them, a camel man.
جَتُ جا بيتن ۾ حوالا
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]

اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]

ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو،
تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ،
ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 9 ]

ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]

وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو،
سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 1 ]