حَمِيرَ جي سنڌي معنيٰ
امير، عمر سومري بادشاھ لاءِ نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Amir, name for Omar Soomro (King).
حَمِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ،
واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ،
مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،
ھِھَڙو حالُ حَمِيرَ، وَٺِي شالَ ويڙِھ وَڃان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 17 ]

جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين،
ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ،
وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ ڇوڙِينديَسِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 24 ]

جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]

سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]

سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مِيرَ،
گَهڻي ٿوري ڏِينھڙين، ويندِيَسِ هُتِ حَمِيرَ،
مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَہ کَڻان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 15 ]

مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ،
پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ،
مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ فَقِيرَ،
وَرُ ڇڏِئو واهَڙُ تَري، ساهَڙُ مَنجِهہ سَرِيرَ،
ڪُٻَنِ ڪِينِهي پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 9 ]

حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]

پَکَي پيھِي آئِيين، ڪِھَڙِيءَ حاجَ حَمِيرَ،
تُون ڏِٺي مُون ڀؤُ ٿِئو، سَونچو مَنجِهہ سَرِيرَ،
مِيان مَنجِهہ مَلِيرَ، اَڳَ نَہ ڏِٺين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 1 ]