خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه جي سنڌي معنيٰ
”الله سائينءَ حضرت آدم کي پنھنجي صورت تي ئي پيدا ڪيو آ.“
(حديث)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Allah created Adam in His picture."
(A Hadith)
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونھَن،
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي ھوتُ ھَنۡجَ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 6 ]
خَلقَ اللهُ آدمَ عَلیٰ صُورَتِه ، وَڻَنِ مَنجِهہ وِرُونھَن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونھَن، کَڻِي ھوتُ ھَنۡجَ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 6 ]
اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ،
نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ،
لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 5 ]
نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ،
لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 5 ]
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 20 ]
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 20 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ،
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
English Meaning
"Allah created Adam in His picture."
(A Hadith)