دوزَخَ جي سنڌي معنيٰ
گنهگارن کي سزا ڏيڻ لاءِ خدا تعاليٰ جو پيدا ڪيل عذابن جو گَهرُ، جَھَنمُ، نَرڪُ، نَرڳ، پاتال، سَقَر، سِجِين نار، باھ جو مَچُ، اوڙاھ گنهگارن کي سزا ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيل ست طبقا.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Hell
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
دوزَخَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون،
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ،
نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ،
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ ڪا مُسلِمانِي مَنِ،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، پِرِين ڪِجان پانھِنجو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 15 ]
نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ،
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ ڪا مُسلِمانِي مَنِ،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، پِرِين ڪِجان پانھِنجو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 15 ]
”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي چِتان لاھِ،
تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 19 ]
تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 19 ]
English Meaning
Hell