دوزَخُ جي سنڌي معنيٰ
گنهگارن کي سزا ڏيڻ لاءِ خدا تعاليٰ جو پيدا ڪيل عذابن جو گهَرُ، جَھَنمُ، نَرڪُ، نُرڳ، پاتال، سَقَر، سِجِين نار، باھ جو مَچُ، اوڙاھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hell. In some religions, the place where some people are believed to go after death to be punished for ever for the bad things they have done during their lives.
دوزَخُ جا بيتن ۾ حوالا
ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ لَھين سُپِرِين،
اَلصَلاتُ مِنَ الصَلاتِ ، کامِي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪائِنُ داخِلين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 4 ]
اَلصَلاتُ مِنَ الصَلاتِ ، کامِي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪائِنُ داخِلين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 4 ]
دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ،
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]