روءِ جي سنڌي معنيٰ
رو، روڄ راڙو ڪر، ھنجُون ھار، ڳوڙها ڳاڙِ، رڙيون ڪر، ماتم ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weap, cry, mourn.
روءِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري ھَٿَڙا،
کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 3 ]
کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 3 ]
پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾،
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 15 ]
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 15 ]
ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،
ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،
ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي نَہ ٿِئي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 21 ]
ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،
ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي نَہ ٿِئي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 21 ]
لَڪِ چَڙِهئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،
اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُونھان ھوتُ وِئو، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 22 ]
اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُونھان ھوتُ وِئو، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 22 ]
اَڄُ پُڻ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
English Meaning
Weap, cry, mourn.