رُوءِ جي سنڌي معنيٰ
مُنھن مُنھن، مُک، مُھڙ، مُھانڊو، چِھرو، شڪل، صُورت، حُسن، سُونھن، رونق، سُھڻائي، سوڀيا، شوڀا، خوبصورتي، مٿاڇرو، مَٿُ، سَپاٽُ، تَرُ، سَطَح. ڏيکاءُ، لَقاءُ، نظارو، ديدار. رُخ، طرف، پاسو. نمونو، طريقو. راءِ، مَتو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
روءِ جي، روئداد جي، صورتحال جي، معاملي جي،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
State, condition. Pleasure, wish. Face, countenance. The front part of a hat, the piece left in front of a Sindhi hat of a different color from the rest.
Of the matter
رُوءِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي،
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ اُڀِرين،
جِھَڙو تُون صُبُوحِ، تِھَڙِي صافِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 7 ]
جِھَڙو تُون صُبُوحِ، تِھَڙِي صافِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 7 ]
ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 11 ]
سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 11 ]
اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 12 ]
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 12 ]
ويٺِي رُوءِ وَڇُنِ سان، پُڄِئو پِينگهَنِ پاندَ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ، گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 14 ]
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ، گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 14 ]
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي،
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي بُوءِ،
راڻَنِ وَرِي رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 11 ]