ريٻارِي جي سنڌي معنيٰ
سنڌ جو ھڪ اوائلي قبيلو، ان قبيلي جا ماڻهو جن لاکي جي دوستن جهسي ۽ جسراج کي قتل ڪيو ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A surname. one of the oldest tribe of Indus Valley.
ريٻارِي جا بيتن ۾ حوالا
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو،
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
English Meaning
A surname. one of the oldest tribe of Indus Valley.
ريٻارِي ٻول جا زمرا