سابِ جي سنڌي معنيٰ
ساڀِ، صاب، پورو، سجايو، برصواب، اثرائتو، ڪارائتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In oblique. Realized, proved, effectual, shown to be real.
سابِ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
English Meaning
In oblique. Realized, proved, effectual, shown to be real.