ساٿُ جي سنڌي معنيٰ
سنگت، ياري، جوڳ، جوڙ، ڳنڍ، اتفاق، ميلاپ، ايڪو، آڌار. رفاقت، سنگت، شرڪت. اُٺن جي قطار، قافلو، ساڳو، سوداگريءَ جو مالُ يا لَڏو. جماعت، انجمن، سوسائٽي، نڪاحُ. گڏ، سميت، سان، وٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Accompanying,along with, inclusive, society, company, with
ساٿُ جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،
ساٿُ نِباھِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 7 ]
ساٿُ نِباھِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 7 ]
ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي،
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جَاڳائي جيڏِيُون،
وِئَڙو ساٿُ وَھِي، تو نِنڊائِين نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 20 ]
وِئَڙو ساٿُ وَھِي، تو نِنڊائِين نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 20 ]
جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ،
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 12 ]
اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ،
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 12 ]
ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]

وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين،
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
English Meaning
Accompanying,along with, inclusive, society, company, with