ساھيڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
سھيليون، سنگتياڻيون، جيڏيون، سرتيون، هڪ جيڏيون، جيڏل، دوستيءَ واريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A woman’s female companions or friends, handmaidens.
ساھيڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ،
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري،
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]
ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]
سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ،
نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 20 ]
نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 20 ]
جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙِيُون سي،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي،
پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا ھي،
اَھلَ اَباڻَنِ جي، مَرِي شالَ مَلهايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 9 ]