سَرَھِي جي سنڌي معنيٰ
خوش، نھال، پرسن، ممنون، راضي. آسودي، سُکي. پرڀيل، رِيجِهيلِ. بختاوَرِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comfortable, in health, delighted, glad, pleased, prosperous, satisfied, well.
سَرَھِي جا بيتن ۾ حوالا
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري،
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي،
ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ،
سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي اَٻاجِهي گهَڻو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 11 ]
ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ،
سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي اَٻاجِهي گهَڻو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 11 ]
پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ،
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، ڀِرَنِ اِھَڙا ڀيرَ،
پِرھَ اُکاڙِيَسِ پيرَ، ھَلِي دانِھياڻِي ڏانھَن داسَڙي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 17 ]
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، ڀِرَنِ اِھَڙا ڀيرَ،
پِرھَ اُکاڙِيَسِ پيرَ، ھَلِي دانِھياڻِي ڏانھَن داسَڙي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 17 ]
ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ،
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ،
سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ،
مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 1 ]
سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ،
مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 1 ]
کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪِئوءِ، ٿِيئَن سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ،
خَبَرَ نَہ پييَئِي تِهيرَ، تَہ پِرھَہ ٿِيندِينءَ پَڌِرِي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 22 ]
خَبَرَ نَہ پييَئِي تِهيرَ، تَہ پِرھَہ ٿِيندِينءَ پَڌِرِي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 22 ]
English Meaning
Comfortable, in health, delighted, glad, pleased, prosperous, satisfied, well.