سَلامَ جي سنڌي معنيٰ
سلام عليڪم جو اشارو، تسليمات، پَرڻام، نمسڪار، تسليم، آداب، سُواگت. امن امانُ، سُکُ، سلامتي، رِکيا، رَکشا، بچاءُ، حفاظت. ڪَلياڻ، جمعيت، شانتي، قرار. موڪلاڻي، الوداع، خدا حافظ، رخصت، آسرو الله جو،
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Salutation, peace, safety.
سَلامَ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]
ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،
پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 13 ]
پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 13 ]
جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن،
سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن،
سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ تان جالَ وَسايو جَکِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 24 ]
سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن،
سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ تان جالَ وَسايو جَکِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 24 ]
اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو،
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]
حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ،
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]
گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، ڪُلَهنِ تي ڪُوڻِيُون،
اَنا پِرنِ جُون اُنِ کي، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون،
اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سَلامَ تي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 20 ]
اَنا پِرنِ جُون اُنِ کي، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون،
اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سَلامَ تي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 20 ]
تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي،
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]