سَنڀالَ جي سنڌي معنيٰ
سنڀار، سار، پَرورِشَ، تاتِ، ٽھوڙَ. خيالُ، خبرداري، اونو، ڌيانُ، جاچَ، نِھارَ، نِگِھبانِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Care, keeping safe, protection.
سَنڀالَ جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِھارِيين،
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 16 ]

توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ سارِيان تَنِ کي،
ڪا جَا ڪِيائُون ڳالِهہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 17 ]

لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
پَرِيءَ کان پاسي ٿِئا، اِي مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي سَڀَ ريٽو ڪِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 5 ]

تَڪِيا پَسُون تَنِ جا، ھَلِي مَنجهان حالَ،
ڪوڙيِين ڪَنَ وَٽِيَنِ جا، ڀينَرُ ڀانيان ڀالَ،
سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ، مُنھِنجو چِتُ چَڱو ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 16 ]

ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
[ سُر پورب، وايون، 8 ]

پاڻُ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ،
وِچان جو وِصالَ، سو تان ھُئَڻُ ھِنَ جو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 8 ]
وِچان جو وِصالَ، سو تان ھُئَڻُ ھِنَ جو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 8 ]
ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ،
سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ،
اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،
سَتِيءَ جي سَيِّدُ چئَي، ڪا ساڻيھَ مَنجِهہ سَنڀالَ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لوئِي لاھِ مَ لالَ،
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 2 ]