سَنڌو جي سنڌي معنيٰ
حَد، نشان، دنگ، سرحد. پڇاڙي، ڇيڙو، انت، ڇيھُ. ناغو، وٿي، وڇوٽي، تفاوت، ڳنڍ. ڪن ٻن شين جي وچ ۾ نشاني طور پيل شيءِ. سُڃاڻپ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Boundary, frontier, limit, restriction, extremity, interval, distinction. A mark put in a book to distinguish a place. A red or black mark from a blow. A joint.
سَنڌو جا بيتن ۾ حوالا
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ،
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ،
ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 32 ]
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ،
ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 32 ]
جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ،
سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 30 ]