سَھِين جي سنڌي معنيٰ
برداشت ڪرين. صبر ڪرين. ساٺ ڪرين. جٽاءُ ڪرين ، هلي سگهين. روا رکين. ڏک ڏسين، تڪليفون ڏسين. کڻين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To suffer, tolerate, endure.
سَھِين جا بيتن ۾ حوالا
ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ اوڏو ئِي نَہ وَڃين،
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾،
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
English Meaning
To suffer, tolerate, endure.