شانَ جي سنڌي معنيٰ
عزت، مانَ، مَرتبا، عظمت، وڏائِي، بزرگِي، اقبال. جلال، فلڪ، رونق، سوڀيا، جَهلڪا. ڀڀڪا، تجمل، ٺَٺَ، دَٻدٻا، ٺاٺ، شوڪت، حَشمت. حق، نِسبت. فخر. حُرمت، شرف. درجا، توقِير. قدرت، طاقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pomp, show, grandeur, good name, respect, dignity, magnificence, splendor.
شانَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين،
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]